حڪمران جماعتون اسٽيبلشمينٽ جي حمايت سان اقتدار ۾ اينديون آهن: سراج الحق

ڪراچي (م ڊ) جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪمران جماعتون اسٽيبلشمينٽ جي حمايت سان اقتدار ۾ اينديون آهن، نجي  ٽي وي موجب سراج الحق جو چوڻ هو ته اسان جا حڪمران عالمي اسٽيبلشميٽ جا وفادار آهن، قوم مٿان مڙهيل ڪرپٽ ٽولي جي ڪري معيشت تباهه ٿي وئي آهي، ماڻهو بک مري رهيا آهن، هن چيو ته جعلي حڪومت کان مسئلا حل نه ٿيندا، مهانگائي، بيروزگاري وڌيڪ وڌندي، تڪراري ڌانڌلي واري اليڪشن سبب وڌيڪ عدم استحڪام پيدا ٿي ويو آهي، سراج الحق چيو ته 8 فيبروري جي رات عوام جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو، اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙن جي چهرن تي هٿرادو مسڪراهٽ آهي، عوامي مينڊيٽ کي هاءِ جيڪ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.