اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جبري گمشدگي واري معاملي تي سموري رياست کي جوابدار بڻائڻ مناسب نه آهي، بلوچستان ۾ هٿياربند مزاحمت کي منهن ڏئي رهيا آهيون. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جبري گمشدگي ڪيس ۾ پيش ٿيو، عدالت ۾ توڙڙٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بسن مان ماڻهن کي لاهي سڃاڻپ پڇي وڃي ٿي، ڪنهن جي نالي اڳيان چوڌري يا گجر آهي ته ان کي باهه ڏئي ساڙيو وڃي ٿو، اهڙن واقعن تي ڪير به آواز نه ٿو اٿاري . .جسٽس محسن اختر ڪياني وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته ماڻهن جي حقن جي لتاڙ ڪري حڪومت هلائي نه ٿي سگهجي، رياستي ادارن کي خبر آهي ته ملڪ کي ڪيئن هلائڻو آهي، عدالت ڪنهن به جوابدار يا دهشتگرد کي تحفظ نه ڏيندي . نگران وزيراعظم چيو ته ڪير به رياست خلاف سرگرمين ۾ ملوث آهي ته ان کي قانون موجب عدالتن آڏو پيش ڪيو وڃي، گڏيل قومن جو به هڪ طريقو آهي هو پڇن ٿا ڪير گم ٿيو آهي، هو پڇن ٿا توهان جسٽس محسن اختر ڪياني آهيو توهان گم ٿي ويا آهيو. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ڇا مون کي جبري طور گم ٿيڻو آهي؟ نگران وزيراعظم چيو ته مان مثال پيو ڏيان مان انوار جو نالو ٿو کڻان، اسان چئون ٿا ته لسانيت جي بنياد تي شاگردن جي پروفائيلنگ نه ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته غير رياستي عنصرن کان کيس به خطرو آهي، هو ڌمڪيون پيا ڏين. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ادارا قانون کان مٿاهان ناهن، وزيراعظم، وزير، سيڪريٽريز ۽ عدالتون به جوابده آهن، جنهن جي خلاف به ڪو ڪيس آهي ته قانون موجب ان خلاف ڪارروائي ڪيو.عدالت کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته اسان سڀ ذميوار آهيون ۽ آئين ۾ رهي ڪم ڪري رهيا آهيون، عدالت اسان کي گهرايو ۽ پيش ٿياسين. انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته مان بلوچستان جي صورتحال کان چڱي ريت واقف آهيان، بلوچستان ۾ هٿياربند جدوجهد کي منهن ڏئي رهيا آهيون، غير رياستي عملدار به انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن. ’غير رياستي عملدار‘ چاهي اها پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي هجي يا ٻيو ڪو به انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نه مان ۽ نه ئي اٽارني جنرل، نه ئي عدالت ۽ نه ئي ايمان صاحب هٿياربند اسٽرگلر جي اجازت ڏئي سگهي ٿو، بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس نان اسٽيٽ ايڪٽرز بابت رپورٽ تيار ڪئي هئي، جڏهن هو رٽائرڊ ٿيا ته ان کي ماريو ويو ته اسان جو منهن ڇو ڏيکاريو ويو. عدالت ۾ نگران وزيراعظم چيو ته روڊ ڪناري تي ماڻهن کي ماريو ويو. پر مجال آهي جو ڪنهن کي انساني حق ياد آيا هجن. بسن مان لاهي ماڻهن کي ماريو وڃي ٿو. چوڌري نالي جي ماڻهو کي گولي هڻي قتل ڪيو وڃي ٿو. گجر نالي واري ماڻهو کي به گولي هنئي وڃي ٿي. دهشتگردن جي هٿان 90 هزار ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. مون کي ڪنهن چيو ته اوهان بلوچستان ڪيئن ويندا. بلوچستان ۾ نسلي پروفائلنگ ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو. نان اسٽيڪ ايڪٽرز ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو ان تي ڇو نٿو ڳالهايو وڃي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته بنا ڪنهن شڪ جي اها هڪ جنگ آهي جيڪا اسان جا فوجي ادارا وڙهي رهيا آهن. قانون هڪ آهي سڀني جا حق آهن.