اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اين اي 15 چونڊ عذرداري ڪيس ۾ ميان نوازشريف جي درخواست رد ڪري ڇڏي، اليڪشن ڪميشن ان ڪيس بابت گذريل ڏينهن محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ ميان نوازشريف جي درخواست خارج ڪندي هدايت ڪئي ته درخواست گذار اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪري سگهي ٿو، اليڪشن ڪميشن رٽرننگ آفيسر کي 3 ڏينهن ۾ نتيجا مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
-
سمورن کاتن ۾ ملازمن جي بايو ميٽرڪ: ڌرين کان جواب طلب
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾ سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ بايو مٽيرڪ لازمي قرار ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي منظور ڪندي ٽي اپريل جو سنڌ حڪومت سميت سمورن کاتن کان جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ آفيسر ۽ ملازم 12هين وڳي پنهنجي ڊيوٽي تي ايندا آهن، سرڪاري وڪيل چيو ته سنڌسيڪريٽريٽ ۾ بايو مٽيرڪ سٽسم موجود آهي، اهو سٽسم ناڪاره آهي، چيف جسٽس چيو ته ادارن جو موقف اچي پيوءِ فيصلو ڪنداسين، درخواستگذار چيو ته صحت ۽ بلديات کاتي ۾ بايو مٽيرڪ لازمي هجي، ان جي مانيٽرنگ ڪئي وڃي. به ڪئي وڃي . عوام پنهنجي ڪم لاءِ صبع جو 8 وڳي اچي وڃي ٿو ۽ عوام ملازمن جو انتظار ڪندو رهي ٿو.