ڪراچي/ اوڏيرو لال (نمائندن وٽان)ڪراچي جي نانگن چورنگي وٽ نشي ۾ ڌت ڪار سورا 3 اوڏيرولال واسين کي ڇپاٽي ماري ڇڏيو، ڪراچي جي نانگن چورنگي وٽ نشي ۾ ڌت ٽن ڪار سوارن جي گاڏي فٽ پاٿ مٿان ستل باڙي برادري جي ڇهن گهر ڀاتين مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي اوڏيرولال واسي 2 سڳا ڀائراشوڪ ۽ شيري موقعي تي فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، جن مان بليرام باگڙي پڻ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا لالي ۽ سيتا رام باگڙي زخمي ٿي پيا هئا، ٽنهي ڄڻن جا لاش اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ پير عامر غوث پهچڻ تي قهرام گهر ۾ مچي ويو، ٻئي طرف فوتي ۽ زخمي ٿيلن جي وارثن ٻڌايو ته هڪ گهر جا 3 ڀاتي موقعي تي فوت ٿي ويا آهن ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، اقليتي آهيون پر هن مهل تائين سنڌ حڪومت يا اقيلتي ميمبرن مان ڪنهن واهر ناهي ڪئي، فوري طور تي قاتلن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.