نبي ڪريم کان پوءِ معاملو ختم، اسان کي پاڻ صلعم کان ئي رهنمائي وٺڻي آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( م ڊ ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته پاڻ سڳورن صه کانپوءِ معاملو ختم، هاڻي اسان کي پاڻ سڳورن صه کان ئي رهنمائي وٺڻي آهي، هو رحمت اللعالمين آهي، هو انسانن ۽ پکي پکڻ سڀني لاءِ رحمت ۽ هدايت جو سرچشمو آهي. سپريم ڪورٽ اسلام آباد جي نيشنل پارڪ ايريا ۾ وفاقي ترقياتي  اداري سي ڊي اي ۽ وائلڊ لائيف بورڊ وچ ۾ تڪرار تي سي ڊي اي کي وائلڊ لائيف جي ٽريل فائيو، ٽريڪ 6 سميت ٽئي آفيسون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيون. سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد جي نيشنل پارڪ ايريا ۾ وفاقي ترقياتي اداري سي ڊي اي ۽ وائلڊ لائيف بورڊ وچ ۾ تڪرار بابت ڪيس تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسي جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ڪئي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وائلڊ لائيف بورڊ جي وڪيل عمر اعجاز عدالت کي ٻڌايو ته سي ڊي اي وائلڊ لائيف کان مارگلا هلز ۾ ٽي جايون ورتيون آهن، سي ڊي اي خلاف ناهيون آيا پر چاهيون ٿا ته گڏجي ڪم ڪيون ۽ هڪٻئي جي رستي ۾ رنڊڪ نه وجهون. چيف جسٽس چيو ته آئين کوليو سڀ کان پهرين ڇا لکيل آهي؟ سي ڊي اي جي وڪيل جواب ڏنو ته آئين جي شروعات ۾ لکيل آهي ته حاڪميت اعليٰ الله وٽ آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته مارگلا نيشنل پارڪ به ان ۾ ئي اچي ٿو، انسان لاءِ قرآن پاڪ ۾ خليفه في الارض جو لفظ استعمال ڪيوويو، حضور پاڪ صه جن آخري نبي، رحمته اللعالمين ۽ هدايت جو سرچشمو آهن، اسان انسانن کي جانورن، پکي پکڻ جو خيال رکڻو آهي، ڪا به زمين ڪنهن جي ناهي، حاڪميت رڳو الله جي آهي جيڪو آئين ۾ لکيل آهي. ٻڌڻي دوران معراج واري واقعي جو ذڪر ڪندي چيف جسٽس چيو ته سڀي نبين ۽ پغيمبرن پاڻ سڳورن صه جي پٺيان نماز پڙهي، حضور پاڪ صه کانپوءِ معاملو ختم، هاڻي اسان کي ان کان رهنمائي وٺڻي آهي، هو هدايت جو سرچشمو آهي. سپريم ڪورٽ نيشنل پارڪ ايريا ۾ سي ڊي اي ۽ وائلڊ لائيف بورڊ وچ ۾ تڪرار تي سي ڊي اي کي وائلڊ لائيف جي ٽريل فائيو، ٽريل 6 سميت ٽئي آفيسون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 11 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.  هوڏانهن سپريم ڪورٽ ميڊيا طرفان پنهنجي فيصلي جي غلط تشريح تي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي غلط رپورٽنگ ڪئي پئي وڃي. اهڙو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سپريم ڪورٽ ٻي آئيني ترميم (مسلمان جي تعريف) کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته غلط تاثر ڏنو پيو وڃي ته پاڪستان پينل ڪوڊ جي ”مذهب خلاف ڏوهن“ جي شقن کي ختم ڪرڻ جو چيو ويو هو، مذهب خلاف ڏوهن بابت پاڪستان پينل ڪوڊ جي شقن کي ختم ڪرڻ جو تاثر مڪمل طور تي غلط آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ آر ۾ الزام داخل ٿيڻ جي باوجود به ڪيس ۾ فوجداري ترميمي ايڪٽ 1932 جي سيڪشن 5 لاڳو آهي، فوجداري ترميمي ايڪٽ موجب ممنوع ڪتاب شايع ڪرڻ تي 6 مهينا قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته موجوده ڪيس ۾ درخواستگذار/ملزم هڪ سال کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪو آهي، هڪ سال جي سزا کان پوءِ کيس اسلامي حڪمن، آئيني شقن ۽ قانون ۽ انصاف موجب ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.