ڪراچي ( رپورٽر ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جو اھم ترين اجلاس اڄ جمعي ڏينھن جي ڊي اي سنڌ جي چيف ڪوآرڊينيٽر سيد صدرالدين شاھ راشدي جي رھائش گاھ تي ٿيندو،اجلاس ۾ جي ڊي اي ،پاڪستان تحريڪ انصاف ،جماعت اسلامي، جي يو آءِ جي اڳواڻن سميت ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيندا،ان ڏس ۾ جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم جو چوڻ آهي ته ڦريل عوامي مينڊيٽ جي واپسي تائين پير صاحب پاڳاري جي قيادت ۾ احتجاج جاري رھندو،پنھنجي جاري ھڪ بيان ۾ سردار عبدالرحيم چيو ته 8 فيبروري تي ملڪ خاص طور سنڌ جي عوام سان اليڪشن جي نالي تي مذاق ڪئي وئي آهي،عوام جي حقن تي ڌاڙو ھڻي ٻلن کي ھڪ دفعو ٻيھر کير جي رکوالي تي ويھاريو ويو آهي جيڪو سنڌ جي غيرت مند عوام کي ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي،ھن چيو ته اتحادي جماعتن جي اجلاس ۾ حلف برداري جي ڏينھن سنڌ اسيمبلي سامھون احتجاج ۽ 26 فيبروري تي بدين ڌرڻي بابت حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي،اجلاس ۾ فراڊ اليڪشن جي خلاف تحريڪ وڌيڪ تيز ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو،فراڊ اليڪشن کي عوام رد ڪري ڪري ڇڏيو آھي،سردار عبدالرحيم جو چوڻ هو ته جي ڊي اي عوام جي حقيقي نمائندا جماعت آھي،عوامي مينڊيٽ جي واپسي تائين پير صاحب پاڳاري جي قيادت ۾ جي ڊي اي ۽ اتحادين جو احتجاج جاري رھندو،اليڪشن ۾ بدترين ڌانڌلي تي عوام ۾ سخت ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آھي،ھن چيو ته اجلاس ۾ جي ڊي اي جي چيف ڪوآرڊينيٽر صدرالدين شاھ راشدي ،غلام مرتضيٰ خان جتوئي ،ڊاڪٽر صفدر عباسي،حليم عادل شيخ،مولانا راشد محمود سومرو،حافظ نعيم سومرو،لياقت جتوئي ،ڊاڪٽر ارباب رحيم ،اياز لطيف پليجو۽ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا،اجلاس ۾ ڊاڪٽر فھميدا مرزا،سيد زين شاھ،سيد غوث علي شاھ،عرفان الله مروت ،ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا،مسرور خان جتوئي ،محمد خان جوڻيجو،سائرہ بانو،جلال شاھ ڄاموٽ،نند ڪمار گوڪلاڻي ،عبدالرزاق راھمون،راحيلا گل مگسي،سيد راشد شاھ،سيد اسماعيل شاھ ،غلام دستگير راڄڙ،ڄام نفيس ،سيد زوھيب شاھ ۽ ٻيا شرڪت ڪندا.