پي ٽي آءِ پاران 3 مارچ تي انٽرا پارٽي چونڊن جو اعلان

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف پارٽي اندر چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آھي.خبر موجب پاڪستان تحريڪ  انصاف ھڪ ڀيرو ٻيھر پارٽي اندر چونڊون ڪرائڻ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آھي. تفصيل مطابق 23 ۽ 24 فيبروري تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويندا، ڪاغذن جي ضروري ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ حتمي لسٽ 27 فيبروري تي جاري ڪئي ويندي، جڏھن ته چونڊون 3 مارچ تي اسلام آباد سميت چئني صوبائي سيڪٽريٽس ۾ ٿينديون. خبر موجب پارٽي چيئرمين شپ لاءِ عمران خان بئريسٽر علي ظفر کي نامزد ڪيو آھي. ياد رھي ته عام چونڊن کان اڳ پي ٽي آءِ پارٽي چونڊ ڪرائي ھئي جنھن ۾ بئريسٽر گوھر خان پارٽي چيئرمين بڻيو ھو جنھن کي اليڪشن ڪمشنر ڪالعدم قرار ڏئي سندس چونڊ نشان بيٽ کسي ورتو ھو، جنھن فيصلي کي ڪورٽ پڻ برقرار رکيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.