لاھور(م ڊ) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته 8 فيبروري جي اليڪشن قوم سان مذاق هئي، 50ارب جعلي اليڪشن تي خرچ ڪيا ويا اليڪشن جي نتيجي ۾ ٺهندڙ اليڪشن ڪمپني گهڻو عرصو هلي نه سگهندي عوام انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو. عوام جن ٻن خاندانن کي ووٽ نه ڏنو انهن کي ئي مسلط ڪري ٻيهر مينڊئيت ڏنو ويو ادارن غير جانبدار فيصلو نه ڪري عوام جي اعتماد کي ڇيهو رسايو آهي ملڪ ۾ 65 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي. هاڻي ٿيندڙ اليڪشن ۾ جمهوريت جي اعتماد کي نقصان پهتو آهي. جماعت اسلامي سويلين بالادستي جي جدوجهد جاري رکندي. 26 فيبروري تي اسلام آباد ۾ جمهوريت بچايو ڪانفرنس ۾ سول سوسائٽي جي نمائندا اليڪشن جو جائزو وٺڻ لاءِ وڪيلن صحافين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي آهي. ڌانڌلي کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ آئيني جمهوري رستو اختيار ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جي آئي يوٿ جي مرڪزي ڪائونسل جي زميندارن منصوره ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ڊپٽي سيڪريٽري جنرل محمد اصغر ترجمان جماعت اسلامي قيصر شريف صدر جي آئي يوٿ رسل خان بابر ۽ ٻين ڪيو آهي. سراج الحق چيو ته چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته قادياني مسئلي تي ڏنل فيصلي تي نظر ثاني ڪن قاديانيت جي پيروڪار آئين پاڪستان کي تسليم نٿاانهن اقليتون کي ملندڙ حق حاصل هوندو.. سراج الحق چيو ته جماعت اسلامي اليڪشن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 750 اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون، جن مان 62 سيڪڙو نوجوان هئا، جن مان ووٽ ڏنا ويا، اليڪشن ۾ جماعت اسلامي جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو. ڪراچي ۾ جماعت اسلامي سان ظلم ڪيو ويو، عوام جو مينڊيٽ واپس وٺنداسين، عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، جماعت اسلامي مطالبو ڪري ٿي ته قوم کين جيڪو مينڊيٽ ڏنو آهي ان تي عمل ڪيو وڃي. تسليم ڪيو وڃي، فارم 45K نتيجن مطابق مرتب ڪيو وڃي.