اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي ڀينرن عظميٰ خان ۽ عليما خان پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ مسرت جمشيد چيما کي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ گهٽ وڌ ڳالهائي ڇڏيو.ڊان نيوز موجب مسرت جمشيد چيما عمران خان جي ڀينرن کي ڪيسن ۽ روپوشي ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو، جنهن تي عظميٰ خان ۽ عليما خان مسرت جمشيد چيما تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.عليما خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته جڏهن پي ٽي آءِ جي باني کي ضرورت هئي ته اوهان ڏکئي وقت ۾ کيس ڇڏي ڏنو، اوهان کي پي ٽي آءِ باني جي ويجهو سمجهيو ويندو هو ۽ اڄ اوهان مون کي رڪاوٽون ٻڌائي رهيا آهيو.مسرت جمشيد چيما عليما خان ۽ عظميٰ خان جون ڳالهيون ٻڌي خاموش ٿي وئي
-
سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ملڻ يا نه ملڻ بابت اڄ فيصلو ٿيندو
اسلام آباد(م ڊ) ڇا پي ٽي آءِ سني اتحاد ڪائونسل کي آزاد اميدوار ڏيڻ بعد مخصوص سيٽون حاصل ڪري سگهندي؟ سني اتحاد ڪائونسل کي آزاد اميدوار ڏيڻ بعد مخصوص سيٽون ڏيڻ جو فيصلو اڄ ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن سُني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو اڄ ڪندي.اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد جو چوڻ آهي ته سني اتحاد ڪائونسل کي سيٽون ڏيڻ يا نه ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جي صوابديد آهي. ذريعن موجب سني اتحاد ڪائونسل ۾ 86 آزاد اميدوار شامل ٿي ويا، بئريسٽر گوهر ۽ عمر ايوب سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل نه ٿيا.