پاڪستان جا فنڊ روڪڻ لاءِ عمران خان پاران آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو فيصلو

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي خلاف آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. بيرسٽر گوهر علي خان ۽ سينيٽر علي ظفر عمران خان سان ملاقات کان پوءِ اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو  ته عمران خان اڄ آءِ ايم ايف کي خط لکندو. علي ظفر چيو ته آءِ ايم ايف ۽ يورپي يونين جو پنهنجو هڪ مينڊيٽ آهي. آءِ ايم ايف جو ميرٽ آهي ته گڊ گورننس هجي. جنهن ملڪ ۾ جمهوريت نه هوندي آهي اتي عالمي ادارا ڪم نه ڪندا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ سموري دنيا ڏٺو ته ماڻهن جو ووٽ چوري ٿيو. چوري جي مينڊيٽ تي جمهوريت نٿي هلي سگهي. جڏهن فنڊنگ ڏيندڙ ادارا ڏسندا آهن ته جمهوريت نه آهي ته اهي قرض نه ڏيندا آهن. هن چيو ته اسان جو خط آءِ ايم ايف ڏانهن ويندو. جيڪڏهن آءِ ايم ايف وفد کي ڪا ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي ته سڀني کان پهريان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي آڊٽ ڪرائي جنهن به هنڌ تي آڊٽ ۾ ڌانڌلي ثابت ٿئي ان کي ختم ڪيو وڃي ان کان پوءِ آءِ ايم ايف ڳالهيون ڪري. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان جيڪو به معاهدو ٿيندو اهو اسان ڌانڌلي جي خلاف آڊٽ سان جوڙي ڇڏيو آهي. اسان اڳ به آءِ ايم ايف کي چيو هو ته فري اينڊ فيئر چونڊون ٿين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.