ملير ۾ گهر جي ٽانڪي مان نينگري جو لاش هٿ، قتل جو شڪ

ڪراچي/ملير (رپورٽر/ڊ ر) ملير جي علائقي عبدالله ڳوٺ جي هڪ گهر جي ٽانڪي مان نينگري جو لاش هٿ، وارثن پاران قتل جو شڪ، ملير  شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد عبدالله ڳوٺ ۾ قائم هڪ گهر مان اٺن ورهين جي معصوم نينگري عذرا ڌيءَ اختر علي جو گهر جي پاڻي جي ٽانڪي مان لاش هٿ، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي ضروري ڪارروائي بعد لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو، ان موقعي تي نينگري جي پيءُ اختر علي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ گهران نڪرڻ بعد گم ٿي وئي جنهن جي ڪافي ڳولا ڪئي، پنجن ڪلاڪن بعد اسان جي گهر جي ڀرسان قائم گهر جي ٽانڪي مان منهنجي ڌيءَ جو پاڻي ۾ ٻڏل لاش هٿ آيو، هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي مون کي شڪ آهي ته منهنجي ڌيءَ کي ٻوڙي قتل ڪيو ويو آهي اهڙي واقعي جي جاچ ڪئي وڃي. ٻئي طرف واقعي جو شاهه لطيف ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ٿي سگهيو جڏهن ته پوليس موجب واقعي بابت مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون ته واقعو حادثي جو نتيجو آهي يا قتل، تفصيل بعد ۾ ٻڌايا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.