ڪراچي ۾ ڌيءُ کي ڪوچنگ وٺي ويندڙ شهري قتل

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هڪ ٻيو شهري مارجي ويو، گلبهار جو رهواسي غلام مصطفيٰ پنهنجي ڌيءَ کي  ڪوچنگ لاءِ وٺي وڃي رهيو هو، پراڻي سبزي منڊي ويجهو ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن شهري کي قتل ڪري ڇڏيو، چئن ڌيئرن جي پيءُ غلام مصطفيٰ کي اسٽريٽ ڪرمنل ان وقت نشانو بڻايو، جڏهن هو ڪوچنگ سينٽر مان پنهنجي ڌيءَ کي وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هو. مقتول جي وارثن الزام هنيو ته غلام مصطفيٰ کي 10 ڪلوميٽر پري جناح اسپتال منتقل ڪرڻ بدران اسٽيڊيم روڊ تي اڌ ڪلوميٽر پري اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ شهري  رياض جي فرياد تي  ڪيس داخل ڪيو ويو، متن ۾ چيو ويو آهي ته شهري کي فائرنگ ڪرڻ کان اڳ جوابدارن 3 شهرين کان ڦر لٽ ڪئي هو يونيورسٽي روڊ تي ويٺا هئا ته موٽرسائيڪل تي سوار 2 جوابدار آيا ۽ هٿيار ڏيکاريا ۽ ٽنهي کان موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا ڪيس ۾ چيو ويو ته اسان ون فائيو هيلپ لائن فون ڪري نيو ٽائون ٿاڻي تي پهتاسين، معلوم ٿيو ته پوليس مقابلي بعد 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.