جناح اسپتال ۾ مريضن جي وارثن ۽ ڊاڪٽرن ۾ جهيڙو، احتجاج

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي جناح اسپتال جي گائني وارڊ ۾ مريضن جي وارثن ۽ ڊاڪٽرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن  کانپوءِ سمورن ڊاڪٽرن گائني وارڊ ۽ آپريشن ٿيٽر جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب ڪراچي جي جناح اسپتال جي گائني وارڊ جنگ جو ميدان بڻجي ويو، مريضن گڏ آيل ۽ ڊاڪٽرن وچ ۾ منهن ماري ۽ جهيڙو ٿي پيو، جڏهن ته مريضن جي وارثن پاران درجنين کان وڌيڪ مرد ۽ عورت ليڊي ڊاڪٽرن کي حراسان ڪيو. ان موقعي تي اسپتال جا درجنين پرائيويٽ سڪيورٽي گارڊ خاموش تماشائي بڻيل رهيا، ڊاڪٽرن مرد ۽ عورت ڊاڪٽرن جي حفاظت نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ۽ سمورن ڊاڪٽرن گائني وارڊ ۽ آپريشن ٿيٽر جو بائيڪاٽ ڪيو. سمورن ڊاڪٽرن انتظاميه بلاڪ اڳيان پهچي احتجاجي سڏ ڏنو ۽ مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، جنهن کانپوءِ صدر ٿاڻي تي ايف نويد شاهه جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي  جنهن ۾ عبيدالله ۽ اسلم سميت ٻين کي ڪيس نامزد ڪيو ويو آهي، اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته جهيڙو گائني وارڊ ۾ آيل ماڻهن جي وچ ۾ ٿيو هو، گهرڀاتين پهريان خانگي اسپتال مان علاج ڪرايو هو ۽ ڊاڪٽرن رت ڏيڻ جو چيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.