ڪراچي(رپورٽر) ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جو چيئرمين عبدالعليم لاشاري مقرر ٿي ويو، سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر مقرري جي انتظار ۾ ويٺل 20 هين گريڊ جي آفيسر عبدالعليم لاشاري کي ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جو چيئرمين مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته صوبائي محتسب جي ڊائريڪٽر جنرل اختر بگٽي کان بورڊ چيئرمين جي چارج واپس ورتي وئي آهي.