ميان صاحب/ سلطان ڪوٽ (رپورٽ: مظفر ملڪ/ طارق علي سڌايو) ميان صاحب ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان چانڊيا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڇڪتاڻ، فائرنگ ۾ پيءُ پٽ سميت 3 ڄڻا قتل ، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ، علائقي ۾ خوف واري صورتحال، همايون شريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ عظيم چانڊيو ۾ چانڊيو برادري جي مامن ۽ ڀاڻيجن جي ڌرين وچ ۾ سڱاوتي مسئلي تان منهن ماري کانپوءِ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران ڌرين جي ماڻهن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ ۾ 55 ورهين جو نور نبي پٽ جهونسال چانڊيو، سندس 32 ورهين جو نوجوان پٽ گل خان چانڊيو ۽ ٻي ڌر جو 35 ورهين جو عبدالڪريم پٽ مينڌرو چانڊيو ٿي ويا، جڏهن ته ڌرين جي فائرنگ ۾ هڪ عورت مسمات حاڪم زادي چانڊيو زخمي ٿي پئي واقعي کانپوءِ مقتولن جا لاش گهر ۾ هجڻ سبب سندن گهرن ۾ ماتم مچي ويو هوڏانهن چانڊيا برادري جي مامن نور نبي ۽ سندس پٽ گل خان ۽ ڀاڻيجن واري ڌر جي عبدالڪريم چانڊيو جي قتل ۽ هڪ عورت جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جو اطلاع همايون پوليس کي ملڻ کانپوءِ ايس ايس پي شڪارپور طرفان مختلف ٿاڻن همايون، سلطان ڪوٽ، ميان صاحب، لوڊرا ٿاڻن جي پوليس نفري کي واقعي واري هنڌ موڪليو جتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿي ويل پيءُ ۽ پٽ ۽ ٻي ڌر جي ڀاڻيجي جا لاش تحويل ۾ وٺي سلطان ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال پهچايا جتي ڊاڪٽرن پاران ٽنهي مقتولن جي مڙهن جو پوسٽ مارٽم ڪيو، همايون پوليس ٽئي لاش وارثن حوالي ڪيا جتان پيءُ ۽ پٽ جا لاش سندن وارث عظيم چانڊيو جڏهن ته ڀاڻيجي جو لاش ڳوٺ جعفر خان چانڊيو کڻائي ويا مقتول نورنبي جي پٽ علي محمد چانڊيو ٻڌايو ته اسان جي مائٽن عبدالقادر ۽ ٻين سڱاوتي ڇڪتاڻ تان گهر تي حملو ڪري منهنجي والد ۽ ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي هن پوليس کان قتل واقعي ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي گهر ڪئي، ٻئي طرف همايون پوليس ٻڌايو ته چانڊيا برادري جي ٻن مامن ۽ ڀاڻيجن جي ڌرين ۾ سڱاوتي مسئلي تان ٿيل جهيڙي ۾ 3 ڄڻا قتل ٿيا آهن پوليس موجب موجب مقتولن جي وارثن جي اچڻ شرط واقعي جا ڌار ڌار ڪيس داخل ڪنداسين.