حيدرآباد (رپورٽر) سول اسپتال حيدرآباد مان نون ڄاول ٻارڙن جي اغوا جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ڏينهن جو ڄاول ٻارڙو اغوا ٿي ويو، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ عورت ٻارڙي کي ڪپڙو ويڙهي اغوا ڪندي ڏٺو ويو آهي. حيدرآباد سول اسپتال جي ليبر وارڊ جي ٻاهران ٽنڊوالهيار جي علائقي سنجر چانگ واسي امداد علي ڪپري جو هڪ ڏينهن جو تازو ڄاول ٻارڙو اغوا ٿي ويو، ڪالھ منجهند 2 وڳي ڌاري واقعي کانپوءِ پوليس پاران سول اسپتال انتظاميا جي مدد سان واقعي واري هنڌ جا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪيا ويا، جن ۾ اڻڄاتل اڌڙوٽ عورت ٻارڙي کي ڪپڙي ۾ ويڙهي کڻي ويندي ڏسي سگهجي ٿو. جڏهن ته واقعي تي ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ پاران نوٽيس وٺندي لاڳاپيل مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس کي واقعي ملوث عورت جي سڃاڻپ ڪري کيس ترت گرفتار ڪري ٻارڙي کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. جنھن تي مارڪيٽ پوليس سي سي ٽي وي فوٽيجز جي آڌار تي سڃاڻپ ڪرائڻ سان گڏ ان عورت جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون شروع ڪيون ويون آهن، ٻئي طرف ٻڌايو پيو وڃي ته ٽنڊو الهيار جي علائقي سنجر چانگ واسي امداد علي ڪپري جي زال طاهره جو هڪ ڏينهن اڳ پي پي ايڇ آئي چمبڙ ۾ ويم ٿيو، جنهن ۾ هن ٻارڙي پٽ کي جنم ڏنو هو، جنهن کانپوءِ عورت طاهره جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس ڪالھه سول اسپتال جي ليبر وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هو، جنهن دوران تازي ڄاول ٻارڙي کي به هتي آندو ويو، ٻارڙو ليبر وارڊ ٻاهر پنهنجي عورت مائٽياڻين وٽ هو، انهي دوران اڻڄاتل عورت نينگر کي اغوا ڪري وئي، جنھن جا سي سي ٽي وي فوٽيجز به منظر تي اچي ويا آهن. ان سلسلي ۾ سول اسپتال جي اي ايم ايس جنرل ڊاڪٽر مجيب الرحمان ڪلوڙ جو چوڻ آهي ته ٻارڙو ليبر وارڊ جي ٻاهر ويٽنگ ايريا ۾ مائٽن وٽ هو، اتان هڪ عورت ٻارڙي کي اغوا ڪري وئي آهي. هن چيو ته هن سموري واقعي ۾ اسپتال عملي ڪا به غلطي يا لاپرواهي ناهي، ٻار مائٽن وٽ هو، هن ٻڌايو ته اسان سي سي ٽي وي فوٽيجز محفوظ ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيا آهن، معاملي جي جاچ پوليس ڪري پئي جاچ ۾ پوليس جي هر طرح سان مدد ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن ليبر وارڊ ۾ داخل ٻار جي والده طاهره کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال آندو ويو هو، جتي سندس علاج هلندڙ آهي.