پبلڪ سروس ڪميشن جو پرچو ليڪ ڪرڻ ۾ اسسٽنٽ ڪنٽرولر ملوث ٿيڻ جي تصديق، گهڻ رخي جاچ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي  سيڪنڊري اسڪول ٽيچرن جي ڀرتين جي لاءِ امتحان وٺڻ دوران پرچو آئوٽ ٿيڻ وارو معاملو, معطل ڪيل هڪ ملازمن جي گرفتاري جي لاءِ ڪوششن بعد  حيدرآباد پوليس به سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن ۾ بيضابطگين جي گهڻ رخي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب ڪميشن به ايس پي ايس سي جي ميمبرن ۽ ملازمن جي مٽن مائٽن کي ڪميشن جو امتحان پاس ڪرائي نوڪريون ڏيارڻ جا انگ اکر به گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پوليس طرفان به ڪميشن جي انتظاميا جي مدد سان ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڊي آئي جي حيدرآباد جي صدارت هيٺ ايس پي ايس سي جي چيئرمين سان وڊيو لنڪ وسيلي گڏجاڻي ٿي آهي, جنهن ۾ ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ  به اجلاس ۾ شريڪ ٿيو هو. ايس پي ايس سي جي ميمبرن کان وٺي پٽيوالن سميت سمورن ملازمن جي ڪميشن وسيلي نوڪريون حاصل ڪرڻ جي انڪشاف بعد انهن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. معطل ٿيل اسسٽنٽ ڪنٽرولر زين عالم کهڙو جي فون ڊيٽا مان استادن جي لکت جو پيپر آئوٽ ٿيڻ جي تصديق ٿيڻ بعد سندس گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن. هوڏانهن ڪميشن پاران معاملي جي جاچ جي لاءِ جوڙيل فيڪٽ فائڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ رات دير تائين سامهون نه آئي هئي, پر ذريعن جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ معطل ڪيل اسسٽنٽ ڪنٽرولر زين العالم کهڙو سميت معطل ڪيل ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ نائب قاصدن کي ئي ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي, ان رپورٽ جي آڌار تي ئي پوليس جي مدد سان ڪارروائي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪميٽي کي 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪرڻي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.