سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ کي عورتن جون 20 ۽ اقليتن جون 6 مخصوص سيٽون الاٽ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن جو اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن  موجب پ پ کي سنڌ اسيمبلي ۾ عورتن جون 20 ۽ اقليتن جون 6 سيٽون مليون آهن، پ پ جي چونڊيل ميمبرن ۾ سيما خرم، تنزيله امه حبيبه، ريحانا لغاري، بيبي ياسمين شاهه، نزهت پٺاڻ، سيده ماروي فصيح، ساديه جاويد، فرزانه حنيف، سجيلا، حنا دستگير، رخسانا پروين، هير سوهو، ندا کهڙو، سائمه آغا، روماصباحت، اروبا رباني، خيرالنسا، مليحا منظور، شازيا عمر ۽ شاهينا شامل آهن، جڏهن ته اقليتي سيٽن ۾ راڻا همير سنگهه، مڪيش ڪمار چاولا، گيانومل، شام سندر، کٽومل ۽انٿوني نويد جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن، ايم ڪيو ايم کي عورتن جون سيٽون 6 ۽ جي ڊي اي کي عورتن جي هڪ سيٽ ڏني وئي آهي.اهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي عورت ميمبرن ۾ صوفيه سعيد شاهه، سڪندر خاتون، ڪرن مسعود، فرح سهيل، قرئت العين خان ۽ بلقيس مختار شامل آهن، اقليتي 2 سيٽون مهيش ڪمار آهوجا ۽  انيل ڪمار  جڏهن ته گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس کي صرف هڪ سيٽ فوزيه ڪوثر جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.