عمران آءِ ايم ايف کي خط لکي ملڪ ۾ مداخلت جي دعوت پيو ڏئي: عطا تارڙ

لاهور ( م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان طرفان چونڊ نتيجن خلاف آءِ ايم ايف کي خط لکڻ واري معاملي تي ن ليگ اڳواڻ عطاءَ الله تارڙ چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو مقصد پرڏيهي مداخلت کي شامل ڪرڻ آهي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي عطاءَ تارڙ چيو ته هڪ قيدي جي حيثيت سان اوهان آءِ ايم ايف کي خط لکندئو؟ سندس غليظ مقصدن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جو مقصد پرڏيهي مداخلت کي شامل ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ جيڪي سيٽون مليون اتي ڌانڌلي ناهي ٿي، ملڪ جي معيشت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هي ماڻهو ملڪ ۾ جهموريت کي ڊي ريل ڪرڻ چاهن ٿا، هنن پهريان به آءِ ايم ايف کي خط لکڻ جي ڪوشش ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.