اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان پيپلز پاٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پنھنجي قومي اسيمبلي واري سيٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي.خبر موجب حڪومت سازي لاءِ نواز ليگ ۽ پي پي ۾ ڳالھيون طئي ٿيڻ کان پوءِ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي سينيٽ جو چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. ضمني چونڊن ۾ خالي ڪيل سيٽ تي سندس فرزند علي قاسمگيلاني چونڊ وڙھندو، جڏھن ته ٻئي طرف بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي واري سيٽ ڇڏيندو، جنھن تي آصفه ڀٽو کي اميدوار بيھاريو ويندو.