پشاورو(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي ناڻي واري وزير تيمور جهڳڙا چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ گهرجي،ڌانڌلي باوجود اسان کي خيبرپختونخواهه مان ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي آهي،هن چيو ته هاڻي هو صوبي ۾ حڪومت ٺاهي ملڪي ادارن سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي مفاد ۾ وفاقي حڪومت سميت سمورن ادارن سان تعاون جاري رکيو وڃي.