نثار پنهور پٽ سميت آزاد،عدالت کي آگاهي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي ۽چونڊن ۾ بيٺل آزاد اميدوار نثار پنهور ۽ سندس پٽ جي گمشدگي بابت به ٻڌڻي ڪئي .پوليس گم ٿيل ماڻهن جي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي .پوليس رپورٽ موجب گم ٿيل 2 ڄڻا واپس گهر پهچي ويا آهن.2021ع ۾ لياري مان گم ٿيل سلطان سعيد ۽ شيرين جناح ڪالوني مان گم ٿيل زرداد خان بازياب ٿي پنهنجي گهر پهچي ويو آهي .عدالت چيو ته ٻين گم ٿيل  ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي آءِ جي ڏکڻ کي ذاتي طور تي رپورٽ سميت طلب ڪري ورتودرخواستگذار جي وڪيل عدالت ۾ پيش ٿي آگاه ڪيو ته  نثار پنهور ۽ پٽ محسن پنهور بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن.ايس ايچ او سچل چيو ته اسان عدالت جي حڪم تي ايف آءِ آر داخل ڪئي هئي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.