بلوچستان حڪومت:ن ليگ جو جي يو آءِ کي انڪار

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن ۽ جي يو آءِ جي وفد وچ ۾ بلوچستان ۾ حڪومت سازي بابت صلاح مشوري جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.ٻنهي پارٽين جي وفدن وچ ۾ ملاقات ۾ بلوچستان ۾ حڪومت سازي تي صلاح مشورا ڪيا ويا.جي يو آءِ جي سيڪريٽري جنرل عبدالغفور حيدري چيو ته جي يو آءِ ۽ ن ليگ گهٽ ۾ گهٽ بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهي سگهن ٿيون.ان تي ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار چيو ته اسان گڏجڻ چاهيون ٿا، پر مولانا توهان دير ڪئي، گذريل چئن ڏينهن کان توهان سان رابطو ڪري رهيا هئاسين پر ڪو به رابطو نه ٿي سگهيو،اسحاق ڊار چيو ته هاڻي اسان پيپلز پارٽي سان پاور شيئرنگ معاهدو ڪيو آهي، ن ليگ بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ واري آهي،هوڏانهن جي يو آءِ اڳواڻ حافظ حسين احمد چيو ته جي يو آءِ بلوچستان ۾ حڪومت ۾ شامل نه ٿيندي، حقيقت اها آهي ته اسان ن ليگ کي سڃاڻڻ ۾ دير ڪري ڇڏي، قومي ۽ صوبائي فيصلن ۾ جي يو آءِ کي نظرانداز ڪيو ويو، هن چيو ته پارٽي سربراهن جي فيصلن باوجود غفور حيدري اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي جنهن تي حيرت ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.