اسلام آباد(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سينيئر اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته پاڪستان جي وڏين پارٽين ۾ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي همت ناهي.پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالغفور حيدري چيو ته هاڻوڪيون چونڊون ڏسي عوام 2018ع جي چونڊن کي وساري ڇڏيو آهي.هن چيو ته جيڪي پارٽيون وڏيون پارٽيون بڻجي سامهون آيون آهن اهي مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ کان لنوائي رهيون آهن.جي يو آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ن ليگ اندر اها ڳالهه هلي رهي آهي ته وفاقي حڪومت نه ٺاهڻ گهرجي.هن چيو ته پيپلزپارٽي سڀ آئيني عهدا گهري رهي آهي، ڪا به پارٽي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي.عبدالغفور حيدري اهو به چيو ته انهن وڏين پارٽين ۾ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي همت ناهي، تازين چونڊن ۾ اڪثر سليڪٽڊ ماڻهو آيا آهن.هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي تاريخ ياد رکڻ گهرجي، 2018ع جي چونڊن ۾ اسان 16، 17 سيٽون حاصل ڪيون.هن چيو ته هنن چونڊن ۾ شاگردن ووٽ ڏنو يا ڪنهن ٻئي؟ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جعلسازي ۽ ٺپا هڻڻ کي مدرسي جي شاگردن سان ڀيٽ نه ڪري.