اورنگي ٽائون ۾ شهري کان ڦر ڪندڙن مٿان ٽينڪر چڙهي ويو، هڪ فوت

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ اورنگي ٽائون گلشن بهار ۾ اڻڄاتل ٽينڪر ڊرائيور شهرين کان موٽرسائيڪل چوري ڪري ويندڙ چورن کي  ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.  اورنگي ٽائون گلشن بهار جي پاڪستان بازار جي علائقي بيت النور مسجد وٽ ٽينڪر ڊرائيور ڦورن کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش تحويل ۾ وٺي قانوني ڪارروائي لاءِ عباسي شهيد اسپتال پهچايو. ايس ايڇ او پاڪستان بازار نفيس الرحمان ٻڌايو ته مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ عالم عرف بالا عرف ڪالا ولد محبوب عالم طور ٿي آهي، مارجي ويل  جي قبضي مان هٿيار ۽ 4 گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن. ايس ايڇ او وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل ڦورو ۽ سندس ساٿي گلشن بهار بيت النور مسجد ڀرسان رئيس امروهي ڪالوني جي رهواسڻ محمد سليمان کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري رهيا هئا، جنهن تي نوجوان مزاحمت ڪئي، جڏهن ته اوچائي کان  ٽينڪر ڊرائيور ڏسي ورتو. واقعي کانپوءِ ڊرائيور ٽينڪر ڦورن مٿان چاڙهي ڇڏيو ، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. واقعي واري هنڌ تان ڦر ٿيل شهري ۽ ڦرلٽ ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.