وڏين پارٽين ۾ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ناهي: غفور حيدري

اسلام آباد(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي  سينيئر اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته پاڪستان جي وڏين پارٽين ۾ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي همت ناهي.پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالغفور حيدري چيو ته هاڻوڪيون چونڊون ڏسي عوام 2018ع جي چونڊن کي وساري ڇڏيو آهي.هن چيو ته جيڪي پارٽيون وڏيون پارٽيون بڻجي سامهون آيون آهن اهي مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ کان لنوائي  رهيون آهن.جي يو آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ن ليگ اندر اها ڳالهه هلي رهي آهي ته وفاقي حڪومت نه ٺاهڻ ​​گهرجي.هن چيو ته پيپلزپارٽي سڀ آئيني عهدا گهري رهي آهي، ڪا به پارٽي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي.عبدالغفور حيدري اهو به چيو ته انهن وڏين پارٽين ۾ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي همت ناهي، تازين چونڊن ۾ اڪثر سليڪٽڊ ماڻهو آيا آهن.هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي تاريخ ياد رکڻ گهرجي، 2018ع جي چونڊن ۾ اسان 16، 17 سيٽون حاصل ڪيون.هن  چيو ته هنن چونڊن ۾ شاگردن ووٽ ڏنو يا ڪنهن ٻئي؟ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي جعلسازي ۽ ٺپا هڻڻ کي  مدرسي جي شاگردن سان ڀيٽ نه ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.