راڻا ثناءُ الله جا سينئر صحافي حامد مير تي سنگين الزام

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ناليواري صحافي ۽ اينڪرپرسن حامد مير ڪجھه وقت اڳ ھڪ خانگي ٽي وي تي ڳالھائيندي چيو ھو ته مون کان  جبري گم ڪيل ماڻھن بابت لسٽ گھري وئي ھئي، جيڪا مون ان وقت جي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله جي حوالي ڪئي ھئي، جنھن کان پوءِ انھن ماڻھن کي آزاد ڪرڻ جي بدران کين بيدردي سان ماري سندن لاش مختلف ھنڌن تي اڇلايا ويا ھئا.انھن الزامن جي ترديد ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو آھي ته حامد مير جي ڳالھين ۾ ڪا به صداقت ناھي، مون کي اھڙي ڪا به لسٽ نه ڏني وئي ھئي جنھن جو ھو ذڪر ڪري رھيو آھي، ھن چيو ته حامد مير  جنھن اداري سان لاڳاپيل آھي، ان اداري جي ماڻھن تي ٻڌل ٽيم جوڙي انھن الزامن جي جانچ ڪرائي وڃي. راڻا ثناء الله وڌيڪ اھو به چيو 2014 ۾ جڏھن حامد مير تي قاتلاڻو حملو ٿيو ھو، جنھن جو الزام حساس اداري جي سربراه تي ھنيو ويو ھو، پر نواز شريف وزير اعظم جي حيثيت ۾ سندس عيادت لاءِ وٽس پھچي ويو ھو،  جنھن سبب حساس اداري ۽ نواز شريف ۾ اختلاف پيدا ٿيا، جيڪي وقت گذرڻ سان وڌندا ويا ۽ اھي اسان جي حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻيا، پر حامد مير اسان تي من گھڙت الزام ھڻڻ سان گڏ اسان جي خلاف ٿيندڙ سازشن ۾ به ملوث آھي ۽ لياقت چٺا جي ڊرامي جا پير پڻ ڏانھس وڃن ٿا، ھن چيو ته جيڪڏھن وٽس ڪي ثبوت آھن ته منظر عام تي آڻي يا ھو غلط بياني ڪرڻ تي معافي وٺي.

50 گم ٿيلن جي لسٽ راڻا ثناءُ الله ئي حوالي ڪئي هئي: حامد مير

 سينئر صحافي حامد مير ٽوئيٽر تي راڻا ثناءُ الله کي جواب ڏيندي لکيو آهي ته جناب راڻا صاحب، مون اڄ ڪيپيٽل ٽاڪ ۾ ثبوت پيش ڪيا ۽ ثابت ڪيو ته 50 ماڻهن جي لسٽ اوهان ۽ ٻين وزيرن کي ڏني وئي هئي ۽ ان فهرست مان هڪ شاعر تابش بلوچ کي پوءِ قتل ڪيو ويو هو پر مون ان لاءِ اوهان تي ڪڏهن به الزام نه لڳايو.سڀني کي خبر آهي ته کيس سي ٽي ڊي ماريو آهي. بهرحال منهنجي ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ مون وٽ وڌيڪ دستاويزي ثبوت آهن، تنهن ڪري بهتر آهي ته توهان پنهنجو الزام واپس وٺو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 20 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.