اسلامي ملڪ مان فون بعد نوازشريف جي راهه ۾ رڪاوٽ ختم ٿيڻ واري؟

لاهور(عوامي آواز نيوز) ايندڙ ڪجھه وقت ۾ ھڪ اھم ٽيليفون ڪال متوقع، جنھن بعد نواز شريف جو سياسي رستو صاف ٿي ويندو.ناليواري تجزئي نگار گوھر بٽ سعودي عرب ڏانھن اشارو ڪندي چيو آھي ته ھڪ اسلامي ملڪ جيڪو سدائين اسان جي مدد ڪندو رھي ٿو، ھن ڀيري به پاڪستان کي سياسي بحران مان ڪڍڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا لاءِ تيار ٿي چڪو آھي، جنھن جي چوڻ تي نواز شريف لاھور مان اسلام آباد پھچي چڪو آھي. گوھر بٽ وڌيڪ اھو به چيو آھي ته ايندڙ چوويھه ڪلاڪن ۾ ھڪ اھم ٽيليفون ڪال متوقع آھي، جنھن کان پوءِ نواز شريف جي راھه ۾ سڀئي رڪاوٽون ختم ٿي وينديون.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 20 فيبروري 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.