اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سينيٽر مشتاق احمد ۽ سينيٽر طاهر بزنجو چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف آئين ٽوڙڻ جو ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سوالن جو وقفو معطل ڪرڻ جي رٿ مخالف ڌر جي وسيم شهزاد پيش ڪئي جنهن کي منظور ڪيو ويو تنهن بعد سينيٽ ۾ عام چونڊن تي بحث شروع ٿيو.
سينيٽر مشتاق احمد خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف آئين ٽوڙڻ ۽ غداري جو ڪيس هلايو وڃي، شفاف چونڊون نه ڪرائي اليڪشن ڪميشن غداري جي ذميوار ٿي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف آئين ٽوڙڻ جي آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.
سينيٽ ۾ خطاب ڪندي سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته نگرانن جي نگراني ۾ جيڪي به چونڊون ٿيون اهي تڪراري رهيون آهن، هن ڀيري به چونڊون تڪراري رهيون آهن، هن چيو ته ٻن وڏين پارٽين جي سهڪار سان منشيات فروشن کي اسيمبلين تائين پهچايو ويو، جيستائين ادارا پنهنجو ڪم نه ڪندا، ملڪ بحران جو شڪار ٿيندو ويندو.
سيد علي ظفر چونڊن تي ڳالهائيندي چيو ته چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، عوام هڪ چٽو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، هڪ پارٽي کي هدف بڻايو ويو هو، ماڻهن کي هراسان ڪيو ويو هو.
سينيٽر شفيق چيو ته آر اوز اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪئي آهي، حڪومت عوام جا 50 ارب رپيا اليڪشن تي خرچ ڪيا، عوام جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، چونڊون پري پلان اليڪشن آهن.
اجلاس دوران بيريسٽر علي ظفر پي ٽي آءِ جي سينيٽر اعجاز چوڌري جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ بابت ٺهراءُ سينيٽ ۾ پيش ڪيو، ٺهراءَ تي سڀني پارٽين جي 24 سينيٽرز جون صحيحون هيون.
مسلم ليگ ن جي عرفان صديقي سينيٽ ۾ خطاب ڪندي چيو ته اسان وٽ چونڊن جي تاريخ خوشگوار ناهي رهي، جيڪڏهن هتي اليڪشن ڪمشنر چونڊون ڪرايون ته ڇا ڪي پي ۾ امام ڪعبا، ابو حنيفا اچي اليڪشن ڪرائي؟ 2023 ۾ 35 پنڪچر هئا، اڄ فارم 45 آهي. جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي آهي ته سڄي ملڪ ۾ ٿي آهي.
اجلاس ۾ خطاب ڪندي سيف الله ابڙي چيو ته نعرو ڏنو ويو ته ملڪ کي نواز ڏيو، اڳيان جواب آيو ته نه، شهباز وٺو. شايد اها ئي ڪاوڙ آهي. اليڪشن امام سلطان سڪندر ڪرائي آهي، عام چونڊن جي آڊٽ ڪرائي وڃي ۽ شروعات ڪي پي کان ڪئي وڃي.
سينيٽر مشتاق ۽ طاهر بزنجو پاران چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف آئين ٽوڙڻ جو ڪيس هلائڻ جو مطالبو
You might also like