ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ آءِ جي جيل سيد منورعلي شاهه جي مقرري جي 13آڪٽوبر 2023ع جي نوٽيفڪيشن کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيوآهي .سينيئر جيل پوليس آفيسر اعجاز علي آءِ جي جيل خانه جات سيد منور علي شاهه جي مقرري خلاف درخواست داخل ڪئي هئي.درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته سينيارٽي لسٽ ۾ مان پهرين نمبر تي جڏهن ته منور علي شاهه چوٿين نمبر تي آهي،سندس مقرري ڪالعدم قرار ڏني وڃي.درخواستگذار وڌيڪ چيو ته سيد منورعلي شاهه من پسند هو انڪري ان جي مقرري ڪئي وئي آهي .