نوڪرين تي پابندي ۾ 4 مارچ تائين واڌ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِڪورٽ سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين سرڪاري ملازمن جي ڀرتين  تي پابندي جي  درخواست تي ايندڙ ٻڌڻي تي ٻين ڌرين کان دليل گهري ورتا، ڪيس  ٻڌڻي جوڳو هجڻ بابت  ايم ڪيو ايم جي درخواست گذار جي وڪيل فروغ نسيم جا دليل مڪمل ٿي ويا، ايم ڪيو ايم گريڊ هڪ کان 15 تائين  جي سرڪاري نوڪرين جي ڀرتين جي خلاف درخواست داخل ڪئي هئي، عدالت نوڪرين جي پابندي ۾ 4 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ٻين ڌرين کان دليل طلب ڪري ورتا.

  • آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ پيش نه ٿيا

ڪراچي (رپورٽر)بئنڪنگ ڪورٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر  خلاف جعلي بئنڪ اڪائونٽس  ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ، آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر عدالت ۾ پيش نه ٿيا.فاروق ايڇ نائيڪ ايڊووڪيٽ اڳوڻي صدر ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي، عدالت ٻنهي جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 22 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .انور مجيد ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.جوابدارن تي جعلي بئنڪ اڪائونٽس ٺاهي ڪروڙين رپين جي غير قانوني ٽرانزيڪشن جو الزام آهي.

  • ڪي ايم سي جو اهم  اجلاس 22 فيبروري تي ٿيندو

ڪراچي(رپورٽر) ڪي ايم سي ڪراچي جو اهم اجلاس  ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي صدارت ۾ خميس 22 فيبروري  2024ع اڍائي وڳي  ڏينهن، ڪائونسل هال جمشيد نسروانجي  بلڊنگ ( ڪي ايم سي بلڊنگ) ايم  اي جناح روڊ تي ٿيندو، اجلاس ۾ ايجنڊي ۾ ڏنل ٺهراءِ  پيش ڪيا ويندا ۽ ڪائونسل کان ان جي منظوري ورتي ويندي، ڪي ايم سي پاران شهر لاءِ خاص خدمتون ڪندڙن کي ڪراچي ٻلو ڏيڻ جو ٺهراءُ به پيش ڪيو ويندو ۽ ڪائونسل  مان باقائدي منظوري ورتي ويندي، ان کانسواءِ پبلڪ پرائيويٽ پاٽنر شپ تحت ڪي ايم سي ڪراچي جي اسپتالن جي سروسز ۾ بهتري آڻڻ، ڪي ايم سي ڪراچي پارڪن  جي مرمت ۽ سولر سسٽم لڳائڻ سميت ٻيا نقطا شامل آهن.

  • معصوم ابهان قتل ڪيس جي جوابدار جو وڌيڪ رمانڊ

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل مجسٽريٽ سينٽرل جي عدالت ۾ فيڊرل بي ايريا ۾ 7 ورهين جي ابهان جي قتل جو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .پوليس پاران جوابدار سفيان کي  عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.پوليس جوابدار جي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي.عدالت جوابدار کي اڄ  تائين جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي واري رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي آهي .

  • پي ٽي آءِ سني اتحاد ڪائونسل  اتحاد جي آجيان ڪريون ٿا:ناصر عباس

اسلام اباد(م ڊ)شيعا اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس چيو آهي ته سياسي استحڪام، آئين جي بالادستي ۽ حقيقي جمهوريت جي قيام لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف  جي آزاد اميدوارن جي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جي فيصلي کي ڀليڪار چوان ٿو، صاحبزاده حامد رضا هڪ محب وطن پاڪستاني آهي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ قيمتي جذبا رکي ٿو. سياسي تعاون ملڪ ۾ ترقي ۽ استحڪام جي نئين تاريخ رقم ڪندو،

  • جج محمد بشير جي ريٽائرمينٽ تائين موڪل جي درخواست منظور

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي ريٽائرمينٽ تائين موڪل جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اسلام آباد ناصر جاويد رانا کي احتساب عدالت اسلام آباد جو جج مقرر ڪيو  ويو آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ريٽائرمينٽ تائين موڪل جي درخواست ڏني هئي جنهن کي منظور ڪيو ويو آهي. جج محمد بشير 14 مارچ تي رٽائرڊ ٿيندو. ياد رهي ته احتساب عدالت جي جج محمد بشير پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ (ن) ليگ اڳواڻ نوازشريف کي مختلف ڪيسز ۾ سزائون ٻڌايون هيون. هوڏانهن قانون ۽ انصاف واري وزارت ناصر جاويد رانا کي عدالت نمبر هڪ جو جج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ناصر جاويد رانا 24 جنوري 2027 تائين بطور احتساب عدالت جي جج طور خدمتون سرانجام ڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.