ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پي ٽي آءِ لائرز ونگ ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ بابت درخواست واپس وٺي ڇڏي ،درخواستگذار ظهورالدين محسود جي وڪيل عبدالوهاب بلوچ چيو ته اليڪشن کان اڳ درخواست داخل ڪئي وئي، هاڻي چونڊون ختم ٿي چڪيون آهن، ڪيس هلائڻ نٿا چاهيون.عدالت صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ بابت پي ٽي آءِ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي درخواستگذار ظهور محسود چيو ته اسان کي هر طريقي سان هراسان ڪيو پيو وڃي.