شهيد هدايت لوهار سن ۾ مٽي ماءُ حوالي،احتجاج،نصيرآباد ۾ ڌرڻو

سن/نصير آباد(رپورٽ: ساگر سولنگي+بشير بروهي) نصير آباد ۾ قتل ڪيل سائين جي ايم سيد جي فڪري پوئلڳ ۽ استاد هدايت لوهار جي مڙهه کي سن ۾  مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي ۾ قومپرست اڳواڻن سميت عورتن به شرڪت ڪئي. ٻه ڏينهن اڳ نصير آباد ۾ استاد ۽ قومپرست اڳواڻ هدايت لوهار کي اڻڄاتل جوابدارن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي مڙھه کي سندس ٻن ڌيئرن سورٺ لوهار، سسئي لوهار ۽ پٽن سارنگ لوهار، سنگهار لوهار جي اڳواڻي ۾ قومپرست جماعت جي اڳواڻن سن شهر آندو. قومپرست اڳواڻ جو مڙھه سن پهچڻ تي شهر جو ماحول سوڳوار ٿي ويو، جڏهن ته شاھه حيدر سنائي جي عرس مبارڪ جون هلندڙ تقريبون ڪجھه وقت جي لاءِ ملتوي ڪيون ويون، استاد ۽ قومپرست اڳواڻ هدايت لوهار جي جنازي نماز سائين جي ايم سيد جي مزار جي اڱڻ تي ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ تحريڪ چيئرمين سورهيه سنڌي، سينيئر قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، اسماعيل نوتڪاڻي، سرمد ميراڻي، سرفراز ميمڻ، پنهل ساريو، سارنگ جويو، وڪيل محب آزاد ۽ عبدالفتاح چنا سميت مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن سن شهر جي رهواسي قومي ڪارڪنن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن کانپوءِ مقتول جي مڙھه کي سائين جي ايم سيد مزار جي اڳيان رکي  احتجاج ڪندي قتل خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي سورٺ لوهار ۽ سسئي لوهار صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو والد پرامن قومي ڪارڪن هو، جيڪو  سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلهاڙجي امن جو چاهيندو هو، اسان جي پيءُ کي سنڌ سان تمام گهڻي محبت هئي ۽ سنڌ سان محبت ڪرڻ کان هي رياست ڊنل آهي، جنهن جي ڪري بابا کي 2017ع ۾ کنڀي گم ڪيو ويو هو، بابا کي ذات پرستي جي بنياد تي شهيد ناهي ڪيو ويو، پر ان کي سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڏوھه ۾ شهادت جو جام پياريو ويو آهي، سنڌ سان عشق جي ڏوھه ۾ ايس ايڇ او نصير آباد هدايت الله بجاراڻي بابا هدايت لوهار کي نصيرآباد شهر مان کنڀي گم ڪرايو هو، اسان کي خدشا هئا ۽ بابا به چوندو هو ته آئون سنڌ تان قربان ٿيندس،هنن چيو ته بابا جي شهيد ٿيڻ کان وٺي اڃا تائين اسان گھر ناهيون ويا، بابا جو تڏو به  نصيرآباد انڊس هاءِ وي روڊ تي وڇايو ويو آهي، ٽيجھي جون رسمون به اتي ئي ادا ڪنداسون، پر اسان انصاف ملڻ تائين خاموش نه ويهنداسين، احتجاج کانپوءِ ٻنهي ڌيئرن پنهنجي پيءُ استاد هدايت لوهار جي جنازي کي ڪلهو ڏئي آخري آرمگاھه تائين پهچايو، ڌيئرن پاران پيءَ جي جنازي کي ڪلهي ڏيڻ وارو منظر ڏسي هر اک آلي نظر آئي ۽ سن جي فضا ڏکوئيندڙ ٿي وئي، مختلف  ماڻهن پاران بهادر نياڻين کي سلام پيش ڪيو ويو، قومپرست اڳواڻ هدايت لوهار جي مڙهه کي سائين جي ايم سيد جي مزار جي پيراندي کان شهيدن جي قبرستان ۾ سڏڪن ۽ لڙڪن سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي قومپرست اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هدايت لوهار کي 2017ع ۽ 2023ع ۾ کنڀي گم ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ مختلف وقتن تي هدايت لوهار کي قتل جون ڌمڪيون ملنديون رهيون هنيون، پر پوليس کيس ڪنهن قسم جو ڪو به تحفظ نه ڏنو، هنن چيو ته هدايت لوهار کي قتل ڪرڻ ۾ هن ملڪ جا سگهارا هٿ سمجهيا ويندڙ ۽ نصيرآباد پوليس ملوث آهي، اسان هدايت لوهار جي ٽيجهي جون رسمون ادا ڪري پريس ڪانفرنس ذريعي هدايت لوهار جو ڪيس داخل ڪري قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف لائحه عمل جوڙينداسين، اسان کي  وڏي تحريڪ هلائڻ جي ضرورت پئي ته اها به هلائينداسين، ڪنهن صورت ۾ هدايت لوهار جي قاتلن کي بخش نه ڪيو ويندو. هدايت لوهار جي تدفين کانپوءِ هدايت لوهار جون نياڻيون، وارث ۽ قومپرست اڳواڻ نصير آباد انڊس هاءِ وي روڊ تي ڌرڻو هڻڻ جي لاءِ روانا ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.