ڪمشنر راولپنڊي پاران ڌانڌلي جا الزام اليڪشن ڪميشن پاران ڪميٽي قائم / مون تي ڌانڌلي الزام جو ڪو ثبوت آهي ته پيش ڪريو: چيف جسٽس

راولپنڊي(م ڊ) ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا عام چونڊن ۾ بي ضابطگين جو اعتراف ڪندي استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو.راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا چيو ته چونڊن دوران راولپنڊي ڊويزن ۾ مون ناانصافي ڪئي ، اسان هارايل اميدوارن کي 50 – 50 هزار ليڊ تي تبديل ڪيو، راولپنڊي ڊويزن جا 13 ايم اين ايز هارايل هئا، انهن کي 70، 70 هزار ليڊ ڏياري ۽ ملڪ سان راند کيڏي وئي، لياقت علي چٺا چيو ته مان راولپنڊي ڊويزن ۾ ٿيل چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ذميواري قبول ڪريان ٿو ۽ پاڻ کي  پوليس حوالي ڪريان ٿو ۽ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪريان ٿو، مون کي ڪچهري چوڪ راولپنڊي ۾ ڦاهي ڏني وڃي.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان به اليڪشن ۾ ڌانڌلي ۾ ملوث آهن، مون سان گڏ اهڙن ماڻهن کي به پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.هنن چيو ته غلط ڪم ڪير ڪري رهيو آهي يا ڪنهن ڪيو آهي، ڪا ڳجهي ڳالهه ناهي، مان سوشل ميڊيا ۽ اوورسيز پاڪستانين جي دٻاءُ ۾ هيس، اڄ صبح فجر جي نماز کانپوءِ خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ سوچيم ته ڇو نه سڀ ڳالهيون عوام جي سامهون رکان، مان ڇو حرام موت مران، غم مان گذري رهيو آهيان ۽ سياسي ماڻهو شيروانيون پائي وزير ٿيڻ لاءِ گهمي رهيا آهن، هن چيو ته ملڪ جي پٺيءَ ۾ ڇرو هڻڻ مون کي سمهڻ ئي نه نٿو ڏئي، مان پنهنجي غم جو بار هٽائڻ چاهيان ٿو، پرامن موت چاهيان ٿو،هوڏانهن پنجاب جي اطلاعات واري وڏي وزير عامر مير راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت علي چٺا جي الزامن جي سختي سان ترديد ڪندي ان کي سياسي اسٽنٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته لياقت علي چٺا جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي اها صرف چريو يا نفسياتي مريض ئي ڪري سگهي ٿو، لياقت علي چٺا 13 مارچ تي رٽائر ٿي رهيو آهيان، مان سمجهان ٿو ته هو پنهنجي سياسي ڪيريئر ٺاهڻ لاءِ اهڙو بيان ڏئي رهيو آهي،ٻئي پاسي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي استعيفيٰ ڏيندڙ ڪمشنر راولپنڊي ڊويزن لياقت علي چٺا پاران چونڊن ۾ وڏي ڌانڌلي جي الزام جو نوٽيس ورتو آهي. محسن نقوي راولپنڊي ڊويزن ۾ چونڊ ڌانڌلي جي الزامن جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا کي تبديل ڪيو ويو آهي.لياقت چٺا کي فوري طور سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ کي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ڊي جي جي آر ڊي سيف انور جپه کي ڪمشنر راولپنڊي جي اضافي چارج ڏني وئي آهي.سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) ​​آپريشنز ڪامران اصغر چيو آهي ته استعيفيٰ ڏيندڙ راولپنڊي ڪمشنر کي گرفتار ناهي ڪيو ويو.ڊان نيوز موجب هن چيو ته جيستائين ڪيس نه هوندو گرفتار ڪيئن ڪنداسين.

اسلام آباد(م ڊ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو ڪمشنر راولپنڊي ڊويزن جي الزامن تي ردعمل سامهون  اچي ويو.سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ڪير به الزام لڳائي سگهي ٿو، جيڪڏهن الزام لڳائڻ اوهان جو حق آهي ته پوءِ ثبوت ڏيو.چيف جسٽس چيو ته توهان هتي ڪو به الزام لڳائي سگهو ٿا، سڀاڻي چوري جو الزام لڳايو، قتل جو الزام لڳايو، ثبوت پيش ڪريو، جيڪڏهن انهن ۾ سچائي آهي ته ثبوت ڏيو.صحافي چيو ته ماڻهو توهان تي الزام لڳائي رهيا آهن؟ چيف جسٽس چيو ته هي مون تي الزام لڳائي رهيا آهن! مون کي ڪجهه نئون ٻڌايو، منهنجو اليڪشن سان ڪو به تعلق ناهي، اليڪشن ڪرائڻ ۾ منهنجو ڪردار هو پر مون اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم نه ڏنو.مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪمشنر راولپنڊي مون تي الزام ڇو لڳايو، ڪمشنر راولپنڊي کان پڇو ته ڇا وٽن منهنجي خلاف ڪو ثبوت آهي؟ چونڊون نه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اسان ناڪام ٿي ويا آهيون.

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن راولپنڊي جي ڪمشنر پاران چونڊ ڌانڌلي جي الزامن تي ڪميٽي قائم  ڪري ڇڏي آهي.ڪمشنر راولپنڊي پاران چونڊ ڌانڌلي جي الزامن تي اليڪشن ڪميشن جو خاص اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪميشن جي ميمبرن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ۽ ميمبر اليڪشن ڪميشن پنجاب بابر حسن ڀروانه آئن لائن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ڪمشنر راولپنڊي پاران لڳايل الزامن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ انهن الزامن جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ڪميٽي جي صدارت اليڪشن ڪميشن جو سينيئر ميمبر ڪندو، جڏهن ته ڪميٽي ۾ سيڪريٽري، اسپيشل سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل قانون شامل هوندا،ڪميٽي ان حوالي سان راولپنڊي جي ڊي آر او ۽ لاڳاپيل آر اوز جا بيان رڪارڊ ڪندي ٽن ڏينهن اندر رپورٽ اليڪشن ڪميشن کي پيش ڪندي.ڪميٽي جي رپورٽ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کي بدنام ڪرڻ ۽ ڪمشنر راولپنڊي خلاف ٻين قانوني ڪارروائي بابت به فيصلو ڪيو ويندو. ڪمشنر راولپنڊي ڊويزن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي ترجمان اليڪشن ڪميشن سمورن الزامن کي رد ڪندي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر يا اليڪشن ڪميشن جي ڪنهن به آفيسر ڪڏهن به ڪمشنر راولپنڊي کي چونڊ نتيجا تبديل ڪرڻ جي ڪا به هدايت ناهي ڏني

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.