نواز ليگ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ٻڏتر ۾،پ پ،پي ٽي آءِ،جي يو آءِ جي گڏيل سرڪار جو امڪان

اسلام آباد/لاهور(عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ ن حڪومت جوڙڻ واري موقف تان پوئتي ھٽندي نظر اچي رھي آھي.مسلم ليگ ن جي  اندر ان خيال تي اختلاف بھ ٿي پيا آھن. نوازشريف اصولي طور ان خيال جو آھي تھ جيڪڏھن ھنن کي آئيني عھدا نٿا ملن تھ ن ليگ اپوزيشن ۾ ويھندي،سينئر صحافي جاويد چوڌري پنھنجي وي لاگ ۾ چيو آھي تھ 7 ڏينھن اڳ نوازشريف پارٽي ۽ گھرڀاتين جي گڏجاڻي ڪئي،جنھن ۾ نوازشريف جو چوڻ ھو تھ جيڪڏھن آئيني عھدا اتحادي ڌر کي ڏنا ويا تھ اسان جي ھٿ ۾ ڪجهھ بھ نھ رھندو. 16 مھينن ۾ پارٽي کي نقصان رسيو، وڌيڪ 6 مھينا رھياسين تھ پارٽي پوري ٿي ويندي. ان ڪري اتحادين زور ڀريو تھ اسين مخالف ڌر ۾ ويھي ڪري اپوزيشن ڪنداسين، پوءِ ڀلي پ پ پ ،پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ سان گڏجي حڪومت جوڙي.جاويد چوڌري موجب اھڙي گڏجاڻي جي اڌ ڪلاڪ بعد نواشريف کي ڪو فون آيو،فون ڪندڙ مٿس زور ڀريو تھ توھان حڪومت جوڙيو ، ان سان ئي ملڪ کي اڳتي ھلائي سگھجي ٿو.پر نوازشريف جو چوڻ ھو تھ انھن حالتن ۾ اسان عوام کي ڊليور نھ ڪري سگھنداسين. ان بعد شھبازشريف پريس ڪانفرنس ڪري چيو ھو تھ چونڊن ۾ ڌانڌلي نھ ٿي آھي.اسين حڪومت جوڙينداسين. وي لاگ موجب گذريل ڏينھن بھ ھڪ پارٽي ميٽنگ ٿي، جنھن ۾ اڪثريت ان  خيال جي ھئي تھ کين اپوزيشن ۾ ويھڻ گھرجي.وي لاگ موجب نوازشريف مريم نواز کي خاموش رھڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي،جنھن ڪري ھن جو ڪو بھ بيان نھ پيو اچي.نوازشريف جي ھڪڙي ئي لاھور واري سيٽ بھ ڪنھن وقت ھٿ مان نڪري سگھي ٿي.ڇاڪاڻ جو ان تي گڙبڙ ٿيل آھي.  جاويد چوڌري جو خيال آھي تھ نوازليگ جي حڪومت ۾ شامل نھ ٿيڻ بعد پ پ پ،پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ سان گڏجي حڪومت جوڙيندي جيڪا ھلي سگھي تھ بھتر نھ تھ وري نئين  سر چونڊون ٿينديون. وي لاگ موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڊوگر گذريل ڏينھن اسپيڪر راجا پرويزاشرف سان ملاقات ڪئي.جيڪو جيل ۾ عمران خان سان ملاقات ڪرڻ بعد اتي ويو ھو،چيو ٿو وڃي تھ اھو پيغامن جي ڏي وٺ جو سلسلو جاري آھي. مستقبل ۾ پي ٽي آءِ، پ پ پ ۽ جي يو آءِ  تي ٻڌل نئين سياسي اتحاد جڙڻ جو اشارو ملي رھيو آھي، هوڏانهن نواز ليگ مرڪز ۾ حڪومت ٺاھڻ جي معاملي تي ٻڏتر جو شڪار، پي پي پنھنجو وزيراعظم آڻڻ لاءِ تيار. جمعي واري ڏينھن تي ٿيل نواز ليگ جي اجلاس ۾ اھا ڳالھه بحث ھيٺ آئي ھئي ته اسان کي وفاق جي بدران رڳو پنجاب ۾ ئي حڪومت ٺاھڻ گھرجي، جنھن کان پوءِ نواز ليگ حڪومت سازي لاءِ ڪو حتمي فيصلو ڪري ناھي سگھي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن چيو آھي ته جيڪڏھن نواز ليگ حڪومت ٺاھڻ کان گھٻرائي رھي آھي ته اسان جي حمايت ڪري اسين حڪومت ٺاھڻ لاءِ تيار آھيون، انھن وڌيڪ اھو به چيو ته اسان جا شرط ساڳيا يعني صدارت جو عھدو، سينٽ جو چيئرمين ۽ چارئي صوبن جا گورنر پڻ پي پي جا ھوندا. ناليواري تجزئي نگار امداد سومري چيو آھي نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ به مرڪز ۾ حڪومت ٺاھڻ لاءِ تيار ناھي، وزارت اعظمي جي ڪرسي تي مسخرا ويھارڻ جا نتيجا اھي سامھون اچي رھيا آھن، جو اسٽيبلشمينٽ کي ملڪ لاءِ ڪو وزيراعظم به نٿو ملي، امداد سومري وڌيڪ اھو به چيو آھي ته نواز شريف واپس پرڏيھه وڃڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.