ايس ٽي پي مارشل لا ۽ ايمرجنسي بابت پاڳاري سان متفق ناهي:ترجمان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران جي ڊي اي جي ڌرڻي ۾ شرڪت جي حوالي سان هڪ وضاحتي بيان جاري ڪيو ويو آهي. ايس ٽي پي جي  ترجمان پاران جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته جي ڊي اي جي ڌرڻي ۾ ايس ٽي پي جي شرڪت مخالف ڌر جي پارٽي هجڻ ڪري يڪجهتي طور هئي. ايس ٽي پي،جي ڊي اي جو حصو ناهي، جيئن جماعت اسلامي ۽ جي يو آئي حصو ناهي. ايس ٽي پي، جي ڊي اي ۽ ان جي سربراهه پير پاڳاري جي عمران خان، فوج، مارشل لا  ۽ ايمرجنسي بابت موقف سان متفق ناهي، جي ڊي اي جي جلسي ۾ ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ملڪ ۾ آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي بابت جيڪو موقف پيش ڪيو اهو ئي موقف ايس ٽي پي جو حقيقي موقف آهي. ايس ٽي پي ملڪ ۾ ايمرجنسي توڙي مارشل لا جي حق ۾ ناهي، نه ئي جنرل باجوا ۽ جنرل فيض جي ڊاڪٽرائين جي حمايتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.