هدايت لوهار جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي: رياض چانڊيو

حيدرآباد (پ ر )جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو، سنيئروائيس چيئرمين عزيزالله ڀٽو، وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي، جنرل  سيڪريٽري غفارميرجت، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري پنهل جمالي، ڊپٽي سيڪريٽري ذوالفقاربليدي ،ماليات سيڪريٽري جاويد عمراڻي پريس سيڪريٽري اياز سولنگي رابطا سيڪريٽري ڪمال مهر گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ لاقانونيت جو مرڪز بڻجي وئي آھي جتي 7ڪروڙ سنڌ واسين جا بنيادي حق کسيا ويا آھن ٽارگيٽ گلنگ ۽ عدالتن کان مٿانهن قتل عام ۽ ڌاڙيل راڄ عروج تي آھي هدايت لوهار سڄي زندگي قومي جدوجهد ۾ سرگرم رهيو ۽ سٺي استاد جي حثيت سان ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجي اسڪول طرف نڪتو ته ان کي قتل ڪيو ويو آھي ڌاڙيل ماڻھن کي سرعام اغوا ٿا ڪن اغوا انڊسٽري سرڪاري سرپرستي ۾ هلي پئي سنڌ جي ماڻھن کي ووٽ ڏيڻ جي آزادي ناهي هنن چيو ته  سنڌ جي ماڻھن لاءِ انصاف جا دروازا بند آھن اسان سيشن جج قمبر کان مطالبو ڪريون ٿا ته هدايت لوهار جي قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺي ان جي انڪوائري ڪرائي وڃي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان به مطالبو ٿا ڪريون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.