سنڌ جا آراوز به ڪمشنر راولپنڊي وانگر قومي غيرت ڪن: اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پي ايس 60 قاسم آباد سميت سڄي سنڌ ۾ ڊسٽرڪٽ  ريٽرننگ آفيسر، رٽرننگ آفيسر، پرزائيڊنگ آفيسر ڌانڌلين ۾ ملوث ھئا، انھن پئسا وٺي صوبائي سيٽ تي 30 ھزار ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي 50 ھزار اضافي ٺپا ھڻي پ پ اميدوارن کي ڏنا ۽ حقيقي کٽيندڙ اميدوارن جا ووٽ گم ڪري ڇڏيا. هن چيو ته پي ايس 60 قاسم آباد سميت سڄي سنڌ جي ڊي آروز، آروز ۽ پرزائيڊنگ آفيسرن ۾ ٿوري به قومي غيرت ۽ ضمير آھي ته اھي راولپنڊي جي ڪمشنر وانگر اعتراف ڪن ۽ پاڻ کي پيش ڪن. هن چيو ته ھنن سنڌ جو مينڊيٽ وڪرو ڪيو آھي. ھنن 15 سالن کان پيپلز پارٽي سان پنھنجا تعلقات نڀائڻ لاءِ پئسا وٺي سنڌ جا ووٽ چوري ڪيا آھن. هن چيو ته سنڌ ۾ ھڪڙو به اھڙو باضمير ماڻھو ناھي جيڪو اڳيان اچي استعيفي ڏئي اعتراف ڪري ۽ عوام کان معافي وٺي. اياز لطيف پليجي چيو ته ڪرپٽ آفيسر جيڪي ڊي آرو، آر او، پرزائيڊنگ آفيسر ٿيا، اھي سنڌ جي تباھي ۽ بربادي جا ذميوار آھن، 2008، 2013، 2018 ۽ 2024 ۾ ڌانڌليون ڪيون ويون، هن چيو ته 20 فيبروري تي مورو ۾ عظيم الشان جلسو ٿيندو، جنھن ۾ سنڌ جا ماڻھو ڀرپور شرڪت ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.