اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ 8 فيبروري جي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 19 فيبروري تي درخواست جي ٻڌڻي هلائيندي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي بينچ ۾ شامل آهن. علي خان نالي هڪ شهري پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ سموري ملڪ ۾ ڪرايل عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ نئين حڪومت ٺهڻ وارو عمل روڪڻ جي استدعا به ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدليه جي نگراني هيٺ 30 ڏينهن اندر نيون چونڊون ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن، چونڊن ۾ ڌانڌلين ۽ فراڊ جي جاچ ڪرائڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي به استدعا ڪئي وئي آهي.