نگران حڪومت جو بجلي ڪمپنين ۾ بدلين ۽ مقررين تي پابندي جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) نگران حڪومت پاور ڪمپنين ۾ بدلين ۽ مقررين تي پابندي لڳائي ڇڏي. ذريعن موجب پاور ڊويزن سمورين پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي بدليون ۽ مقرريون ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاور ڊويزن فيصلي تي عملدرآمد لاءِ پاور ڊويزن ڪمپنين  کي خط لکي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي ڪمپنين ۾ پوسٽنگ ۽ ٽرانسفر جي اجازت نه هوندي، پابندي جو فيصلو بجلي چوري خلاف مهم جي سلسلي ۾ ڪيو ويو آهي.

  • ڪراچي ۾ 8 ورهين جي نينگر ابان جو قاتل سئوٽ نڪتو

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا مان 8 ورهين جي ابان جي قاتل کي گرفتار ڪيو ويو. سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) ​​سينٽرل ذيشان صديقي موجب گرفتار جوابدار سفيان جي عمر 14 کان 15 سالن جي وچ ۾ آهي، جوابدار  مقتول ابان جو ڪزن آهي ۽ ساڻس گڏ رهندو آهي. پوليس موجب جوابدار جو چوڻ آهي ته ابان پنهنجي پيءُ کي شڪايت ڪندو هو، جنهن سبب ڌڙڪا ملندا هئا. جوابدار بيان ۾ چيو ته مون غلطي ڪئي، ابان کي پوئين گهٽي مان پارڪ ۾ وٺي ويم، ابان کي ڌوبي گهاٽ وٽ قتل ڪيو.

  • اين اي 40 جون چونڊون ڪالعدم قرار ڏنيون وڃن: محسن داوڙ

پشاور (م ڊ ) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 40 تان اميدوار محسن داوڙ جو چوڻ آهي ته هن تڪ تي ٿيندڙ چونڊون ڪالعدم ڪري نئين چونڊون ڪرايون وڃن. محسن داوڙ اين اي 40 جي چونڊ نتيجن خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. محسن داوڙ پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته اين اي 40 جي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ ان تڪ تان ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪيو وڃي. محسن داوڙ چيو ته شدت پسندن ڪجهه پولنگ اسٽيشنن مان پولنگ جو سامان چوري ڪيو، پولنگ واري ڏينهن شرپسندن 2 پولنگ اسٽيشنز کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 14 پولنگ اسٽيشنن تي اليڪشن عملي کان پولنگ مواد چوري ڪيو ويو، فارم 45 تي ٻوڙي ووٽ لکيا ويا، شرپسندن پولنگ مواد کي باهه ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.