جنرل (ر) باجوه بي اعتمادي جي رٿ لاءِ نه چيو هو: اختر مينگل

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته جنرل (ر) باجوه بي اعتمادي جي رٿ لاءِ نه چيو  هو، هن پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ نئين چونڊون ڪرائڻ تي راضي ڪيو هو. بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي آمراڻي رويي سبب عدم اعتماد جي تحريڪ هلي،  هن چيو ته عمران خان جي آمراڻي رويي سمورين پارٽين کي گڏ ڪري ڇڏيو. تحريڪ عدم اعتماد جو فيصلو پي ڊي ايم پارٽين پاران اتفاق راءِ سان ڪيو ويو. سردار اخترمنگل چيو ته تحريڪ عدم اعتماد جي وقت جنرل فيض ڪور ڪمانڊر پشاور هو، هن ساڻن ملاقات نه ڪئي. فضل الرحمان جي مزيباني ۾ سنڌ هائوس ۾ منعقد افطار کانپوءِ سڀ هڪ ميس ويا، جتي جنرل باجوه سان ملاقات ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.