سنڌ سنڌين جي آهي ۽ رهندي، سورهيه بادشاهه جي قرباني رائيگان نه ويندي: صدر الدين شاهه

ڄامشورو: گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي قيادت، عام چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف 20 فيبروري تي مورو ۾ ڌرڻو هڻڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جي حلف کڻڻ واري ڏينهن تي ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي جو گهراءُ  ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جعلي چونڊن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، چونڊن ۾ ووٽ نه پر نوٽ پيا آهن. ڪالهه جي ڊي اي پاران ڄامشوري ۾ اين نائين موٽروي تي جي ڊي اي جي سڏ تي چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف ڌرڻو هنيو ويو, ڌرڻي ۾ سڄي سنڌ مان آيل ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو, ڀيڄ پاڳارا جي نعرن سان گڏ چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي جي ڊي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسي خطاب ڪندي چيو آصف زرداري جو متبادل اڳ به هو، اڄ به آهي ۽ سڀاڻي به رهندو، ان خلاف جنگ جاري رهندي، پنجاب ۾ زرداري  ليگ جي موڪل ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي سنڌ ۾ به پير سائين پاڳاري جي قيادت ۾ کيس گهر ڀيڙو ڪنداسين. اڄوڪي اسان جي احتجاج ثابت ڪيو آھي تھ اسان جو پرامن احتجاج آھي، ڪراچي کان ڪشمور تائين پنجاب ويندڙ رستا بند آھن پر ڪنھن کي به نقصان ناھي پهتو، ، سنڌي قوم ۽ سنڌ جي حقن لاءِ گڏجي جدوجھد ڪنداسين، ھن اعلان ڪيو تھ چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين خلاف جي ڊي اي طرفان 20 فيبروري تي موري ۾ احتجاجي ڌرڻو لڳندو، جنھن ۾ ھن کان وڌيڪ ماڻھو شريڪ ٿيندا، ان ۾ ايندڙ لائحي عمل به ٻڌايو ويندو، جنهن ڏينهن سنڌ اسيمبلي جا ميمبر حلف کڻندا ان ڏينهن تي سنڌ اسيمبلي جو گهراءُ ڪيو ويندو. جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي صدر سيد صدر الدين شاهه راشدي چيو ته سنڌ سنڌين جي آهي ۽ رهندي، سورهيه بادشاهه جي قرباني رائيگان نه ويندي. هن لکين ماڻهن جي تاريخي ڌرڻي فيصلا ڪندڙن کي پيغام ڏئي ڇڏيو آهي ته ڌانڌلين وارا چونڊ نتيجا قبول ناهن. جيستائين چونڊ نتيجا ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر چونڊ نه ڪرائي ويندي تيستائين هيءَ جدوجهد جاري رهندي. جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد خالد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن اظهار جي معني بغاوت آهي، غريب عوام جي حق لاءِ آواز اٿارڻ بغاوت آهي ته مان باغي آهيان، پير پاڳاري مان  سورهيه بادشاهه جي خوشبوءِ اچي رهي آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر پير پاڳاري جي قيادت ۾ جدوجهد جاري آهي، ھن چيو تھ هڪ هفتي کان اسان جي جدوجھد جاري آهي گهوٽڪي ۽ حيدرآباد مان بغاوت جو علم بلند ٿي چڪو آهي، اسان جي جماعت حرن سان گڏ شانا به شانا هلڻ لاءِ تيار آهي، هي احتجاج قبضاگيرن لاءِ پيغام آهي ته هي سنڌ اوهان جي پيءُ جي جاگير نه پير پاڳاري جي سنڌ آهي اتي هاڻي پنهنجو ووٽ غضب ڪرڻ نه ڏينداسين. سنڌ ۾ امن امان ناهي، ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن کان سنڌ کي آزاد ڪرائڻو آهي. سنڌ جا 70 لک ٻار تعليم کان محروم آهن، اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي جي مرڪزي اڳواڻ لياقت علي جتوئي چيو ته چونڊون ڌانڌلي نھ پر ڌانڌلو هيون، کٽيلن جا منهن لٿل آهن ۽ اسان جا چهرا ڏسو، آصف علي زرداري کي سنڌ ڏني وئي آهي, اسان 15 سال ظالماڻي نظام جي سدائين مخالفت ڪئي آهي ۽ هن جڙتو چونڊن کي رد ڪيون ٿا. اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضي جتوئي خطاب ڪندي چيو ته حر تحريڪ سنڌ جي آزاديءَ ۽ پاڪستان جي قيام جو سبب بڻي، جن ماڻهن قراردادون پيش ڪري ملڪ قائم ڪيو، انهن جي پونيئرن کت ڀت سان لڳائي ملڪ جو بنياد ڪمزور ڪيو پيو وڃي. پاڪستان جي تحريڪ سبب ئي پاڪستان قائم ٿيو، چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو پاڪستان قائم ڪندڙن خلاف انتقامي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم چيو ته ٻيھر چونڊون ڪرايون وڃون، نگران حڪومت، ڊي آر او، آر اوز  ڌانڌليون ڪرايون، من پسند ۽ جيالن کي پولنگ جو سامان ڏئي روانو ڪيو ويو، چونڊ جو موجوده سيٽ صحيح ناهي سنڌ ۾ من پسند اليڪشن ڪميشنر مقرر ڪيل آهي. جي ڊي اي اڳواڻ سائرا بانو چيو تھ محبت ڪمزوري نه پر طاقت آهي، اسان پنهنجي وطن سان محبت ۽ ان جي دفاع جو حق رکون ٿا، اڄ اوهان کي ڏسي مون کي حر جماعت جي ماضي واري جدوجهد ياد اچي وئي آهي انگريز غيرتمند هئا پر اسان جو اهڙن ماڻهن سان پالو ناھي پيو،  هتي بيغيرت آهن، هتي سانگهڙ ۾ حرن سان ظلم ڪيو ويو آهي. ملڪ جي حق ۾ نعرا ارباب اختيارين کي جاڳائڻ لاءِ آهي، چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ڪٿي آهن انهن کي استعيفا ڏئي گهر وڃڻ گهرجي ۽ انهن تي آرٽيڪل 6 لڳائڻ گهرجي سنڌ ۾ جيڪو نثار دراني ڪم ڪيو آهي ان خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن حق نه مليا ته ارباب اختيارين جي آفيسن سامهون ڌرڻا هنيا ويندا، ملڪ م 10 ٻارنهن ماڻهو 25 ڪڙور جي عوام جي قسمت جو فيصلو ڪن ٿا، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان خطاب ڪندي چيو ته قبضاگيرن ملڪ ۽ قوم جي لٽيرن خلاف هي تاريخي ملين ڌرڻو هڻڻ تي اوهان کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، لٽيرن جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي اميد آهي پير پاڳاري جي قيادت ۾ ھي جدوجھد ڪاميابي تائين جاري رهندي، ڪراچي جي ميڊيٽ چورايو ويو آهي، عوام جي مينڊيٽ جو قتل عام نه ڪيو وڃي، سنڌ جي معشيت تباھ ڪندڙ دهشتگردن ۽ ٻوري بند لاش ڏيندڙن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سيٽون ڏنيون ويون آهن. فوج ۽ عوام وچ م وڇوٽي نٿا چاهيو ته ڌاڙيلن کي اسان جي عوام جي سرن مٿان هٽايو وڃي.  جنهن جو جيڪو ڪم آھي اھو ڪري، عوام جي ۾ مداخلت نه ڪري. جماعت اسلامي پرامن جدوجهد جاري رکندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.