ڄامشورو : چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف جي ڊي اي پاران لڳايل ڌرڻي ۾ حر جماعت جي حرن سان گڏ جي ڊي اي ۾ شامل جماعتن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ان کانسواءِ جي ڊي اي ۾ شامل ٻين اڳواڻن ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، لياقت جتوئي، ڊاڪٽر راحيلا گل مگسي، ڊاڪٽر فهميده مرزا، ذوالفقار مرزا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پڻ وڏا قافلا ڌرڻي واري جاءِ تي پهتا.