ڄامشورو : جي ڊي اي پاران 20 فيبروري تي موري ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي، اڳواڻن ڄامشوري ۾ ڌرڻي کي خطاب دوران نئين سر چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف جي ڊي اي جي ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ حر جماعت ۽ جي ڊي اي اتحاد ۾ شامل جماعتن جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ڪارڪنن توڙي قيادت چونڊ نتيجن کي رد ڪندي 20 فيبروري تي موري ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو.