پ پ قيادت رات جو عمران خان سان جيل ۾ ملاقات لاءِ منٿون ڪندي آهي: حمد الله

پشاور(م ڊ) جمعيت علماءَ اسلام ( جَي يو آءِ ) جي اڳواڻ حافظ حمد الله چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصا ف جي وفد جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات تي ن ليگ، پ پ کي تڪليف ڇو آهي؟ پ پ قيادت رات جو پي ٽي آءِ باني عمران خان سان جيل ۾ ملاقات لاءِ منٿون ڪندي آهي. ن ليگ اڳواڻ ۽ پ  پ جي فيصل ڪريم ڪنڊي جي بيانن تي جَي يو آءِ ترجمان حافظ حمد الله ردعمل ۾ چيو آهي ته ن ليگ ۽ پ پ جنرل باجوا جي ملازمت جو مدو وڌائي پارليامينٽ ۽ جهموريت جي توهين ڪئي، ڇا ن ليگ ۽ پ پ جنرل باجوا کي ٽن سالن جي ايڪسٽينشن نه ڏني؟ . حافظ حمد الله جو چوڻ هوته جنرل باجوا کي ايڪسٽينشن ڏيندڙ پارٽين سندس چوڻ تي بي اعتمادي رٿ به آڻي سگهن ٿيون، جَي يو آءِ جنرل باجوا جي ملازمت جو مدو وڌائڻ واري فيصلي جي سرعام مخالفت ڪئي هئي ۽ مولانا اڄ به ان موقف تي قائم آهي ته اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ مداخلت ختم ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.