2 سال حراست هيٺ رهندڙ قوم پرست اڳواڻ هدايت لوهار اڻ ڄاتل رهزنن هٿان قتل

نصيرآباد(رپورٽ: بشيراحمد قلندراڻي بروهي) نصيرآباد ۾ ڏينھن ڏٺي هٿياربندن استاد ۽ قومپرست اڳواڻ گوليون هڻي قتل ٿي ويو. نصيرآباد ۾ ڏينھن ڏٺي ٿاڻي اڳيان ڪاٺيا بازار پاڙي ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻه اڻ ڄاتل هٿياربند فائرنگ ڪري ڊيوٽي تي اسڪول ويندڙ شھر جي ڄاتل سڃاتل سينئر استاد ۽ قومپرست اڳواڻ هدايت لوهار کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. استاد جي قتل جي خبر شھر ۾ باھ جيان پکڙجي وئي ۽ واقعي واري هنڌ شھرين جا هجوم گڏ ٿي ويا ۽ بعد ۾ مقتول جي وارثن پھچي لاش سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو. جتي ڊاڪٽرن هدايت لوهار جي فوتگي جي تصديق ڪئي بعد ۾ اھڙي واقعي خلاف مقتول جي وارثن لاش سميت ڊگري ڪاليج ڀرسان انڊس هاءِ وي تي شاميانا هڻي ڌرڻو هنيو جيڪو 8 ڪلاڪن کان جاري هيو ڌرڻي سبب هاءِ وي جي ٻنھي طرفن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون هيون ۽ ڌرڻي ۾ شريڪ وڏي تعداد ۾ ماڻھن پوليس انتظاميا ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا ان موقعي تي مقتول هدايت لوهار جي نياڻين سسئي لوهار، سورٺ لوهار، ڀاءُ عنايت لوهار شھري اتحاد اڳواڻ معشوق علي ڦلپوٽو، گسٽا اڳواڻ اشفاق مسڻ، پ ٽ الف اڳواڻ عبدالوهاب بروهي ۽ ٻين چيو تہ استاد هدايت لوهار انتھائي شريف ۽ لائق انسان هيو جنھن جي شھر اندر توڙي ٻاهر هر ماڻھوءَ سان نيازمندي هئي هنن چيو تہ هڪ استاد ۽ قومپرست اڳواڻ جو سرعام قتل ٿيڻ افسوس ناڪ واقعو آهي جنھن جي جيتري مذمت ڪجي اها گھٽ آهي مقتول جي نياڻي سسئي لوهار چيو تہ بابا سائين کي قومپرست سياست سبب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار اڳ بہ ڪافي دفعا کڻي ويا هئا ۽ هاڻي بہ کيس ڌمڪيون مليل هيون. هن چيو تہ منھنجي بابا کي سنڌ سان محبت ۽ سنڌي قوم سان همدردي هئڻ ڪري قتل ڪيو ويو آهي بابا جو ان کان سواءِ ٻيو ڪو بہ ڏوھ نہ هيو ھوڏانھن پرائمري استاد هدايت لوهار جي قتل خلاف پ ٽ الف اسڪولن جو بائيڪاٽ ڪري ٽي ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي آخري اطلاعن تائين ڌرڻو جار هيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.