پ پ وزارتن بدران اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چيئرمين شپ وٺندي: خورشيد شاهه

ڪراچي (م ڊ ) حڪومت ٺاهڻ واري معاملي تي پيپلز پارٽي جو اهم فيصلو سامهون اچي ويو آهي، پيپلز پارٽي وزارتن بدران اسٽينڊنگ   ڪميٽين جي چيئرمين شپ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته مسلم ليگ (ن) وٽ جيڪي وزارتون هونديون، اهي ڪميٽيون کڻنداسين، ڪميٽيون وزارتن کان وڌيڪ طاقتور آهن. هن وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ (ن) کان آئيني عهدا به وٺنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.