سنڌ جي وڏ وزارت لاءِ مراد شاهه بلاول جي اوليت

ڪراچي (م ڊ) پيپلزپارٽي پاران سنڌ جي وڏي وزير لاءِ نالي تي فيصلو چند ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن مطابق سنڌ جي وڏي وزير لاءِ فريال ٽالپر، مراد علي شاهه، ناصر حسين شاهه ۽ شرجيل ميمڻ جا نالا اچي رهيا آهن، ان حوالي سان ذريعن ٻڌايو ته پيپلزپارٽي جا ڪجهه اڳواڻ فريال ٽالپر کي سنڌ جي پهرين عورت وزيراعليٰ نامزد ڪرائڻ چاهين ٿا، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري چاهي ٿو ته مراد علي شاهه کي وڏو وزير نامزد ڪيو وڃي، پيپلزپارٽي جي حلقن ۾ وڏ وزارت لاءِ مراد علي شاهه پسند ڪيل اميدوار آهي، ذريعن اهو به ٻڌايو ته آصف زرداري جو اعتماد رکندڙ شرجيل ميمڻ ۽ ناصر حسين شاهه به وڏي وزير  جي نامزدگي لاءِ ڊور ۾ شامل آهن، سنڌ جي نئين وڏي وزير جو فصلو آصف زردزاري ۽ بلاول ڀٽو جي گڏيل صلاح مشوري سان ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.