اي اين پي پاران چونڊ نتيجن خلاف تحريڪ جو اعلان

پشاور(م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن جي نتيجن ۾ تبديلي خلاف احتجاجي تحريڪ  شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ اي اين پي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ۽ ڪا به سيٽ نه کٽي سگهي، هن پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ جو اعلان پڻ ڪيو. اي اين پي جو چوڻ آهي ته چونڊ نتيجن ۾ ڦير ڦار خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي شروعات 20 فيبروري تي صوابي ضلعي کان ڪئي ويندي، مظاهري ۾ صوبائي ۽ مرڪزي قيادت، اميدوار ۽ ڪارڪن شرڪت ڪندا. 23 فيبروري تي چارسده ۾ ٻيو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.