ايوان صدر جو نئون مهمان آصف زرداري هوندو: ذريعا

اسلام آباد (م ڊ)  مريم نواز ملڪي تاريخ ۾ پنجاب جي پهرين عورت وزير اعليٰ هوندي. بلوچستان جي وڏي وزير جو عهدو به پ پ  ڏانهن ويندو، سرفراز بگٽي صوبي جي صورتحال تي سي اي سي کي بريفنگ ڏني آهي. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ايوان صدر جو نئون مهمان پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف زرداري هوندو، جيڪو ٻيو ڀيرو ان عهدي تي فائز هوندو. ذريعن موجب بلاول ڀٽو ۽ آصف زرداري جي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قيادت سان ٿيل ملاقاتن ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته وزيراعظم لاءِ پيپلز پارٽي ن ليگ جي اميدوار ۽ ن ليگ صدر جي عهدي  لاءِ پيپلزپارٽي جي اميدوار جي حمايت ڪندي. جيڪڏهن صورتحال ۾ ڪا غير متوقع تبديلي نه آئي ته ايندڙ حڪومت ۾ ملڪ جو صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف هوندو. پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان ڪيل فيصلن کانپوءِ مسلم ليگ ن طرفان چيف آرگنائيزر مريم نواز کي پنجاب جي وزير اعليٰ لاءِ نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.